سنڌ رورل سپورٽ پروگرام

سنڌ رورل سپورٽ پروگرام

سنڌ رورل سپورٽ پروگرام

سنڌ رورل سپورٽ پروگرام (SRSP): سنڌ جي ڪجهه انتظامي ۽ اقتصادي ماهرن، سماجي ڪارڪنن ۽ ترقي پسند آبادگارن گڏجي ’سنڌ رورل سپورٽ پروگرام‘ (SRSP) نالي سان هڪ آرگنائيزيشن، ڊسمبر 1995ع ۾ ٺاهي، جنهن کي 30 ڊسمبر 1996ع تي ٽرسٽ انڊر ايڪٽ آف 1982ع هيٺ رجسٽر ڪرايو ويو، ان جو رجسٽريشن نمبر 5810 آهي. سنڌ رورل سپورٽ پروگرام هڪ غير سرڪاري، غير منافعي بخش تنظيم آهي، جيڪا ٽنڊي محمد خان، ميرپورخاص، ڄام شوري، حيدرآباد، نوابشاهه (بينظير آباد)، ٿرپارڪر، نوشهري فيروز، سانگهڙ، خيرپور، سکر، ٽنڊي الهيار، دادو، ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم جو ڪم سنڌ ۾ اقتصادي سرگرمين کي اتساهڻ آهي. سنڌ رورل سپورٽ پروگرام جو بنيادي مقصد برادرين جي گڏيل حصيداريءَ سان غربت، بک ۽ بيروزگاري گهٽائڻ سان گڏ سندن فلاح بهبود ۽ مختلف گروپن کي اهميت ڏيڻ ۽ کين ترقي طرف گامزن ڪرڻ آهي. انهن گروپن ۾ عورتون، ڀائيواريءَ تي ڪم ڪندڙ ڪڙمي ۽ اجرت تي ڪم ڪندڙ ماڻهو اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ سنڌ رورل سپورٽ پروگرام قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ، برادرين جي طبي ۽ معاشرتي ڍانچي، صحت، ماحوليات، عورت ۽ ٻار جي غذا، برادرين ۽ سوسائٽيءَ کي تحرڪ ۾ آڻي پاڻڀرو ڪرڻ جهڙن مقصدن تي به ڪم ڪري رهيو آهي. ٻيون ڪيتريون غير سرڪاري تنظيمون، جيڪي ڏيهي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، تن کي به هيءَ تنظيم ٽريننگ ۽ ٻيا وسيلا مهيا ڪري ٿي. ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP)، يونيسيف، ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر (WWF)، ٽرسٽ فار والنٽري آرگنائيزيشن (TVO)، هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ (HRD)، ايڪشن ايڊ انٽرنيشنل، يو. اين. ڊي. پي (UNDP)، سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (SEDA)، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ آف سنڌ، بي. پي. پاڪستان، ايگري بزنس سپورٽ فنڊ (ASF)، اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ ۽ ٻيا سنڌ رورل سپورٽ پروگرام جا حصيدار آهن، جن سان گڏجي هيءَ آرگنائيزيشن ڪيترا ڪم ڪري ٿي ۽ ٻين ننڍين اين. جي. اوز کي مختلف مسئلن تي پراجيڪٽ ڏئي ٿي. سنڌ رورل سپورٽ پروگرام، سنڌ مائيڪروفنانس نيٽ ورڪ (SMN)، سنڌ اين. جي. اوز فيڊريشن (SNGOF)، سنڌ اين. جي. اوز نيٽ ورڪ (SNNHA)، هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ (HRDN)، نيٽ ورڪ فار اليڪٽرول پارٽيسپيشن (NEP) ۽ سنڌ ڪوسٽل ايريا ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جو ميمبر به آهي. سنڌ رورل سپورٽ پروگرام جي هيڊ آفيس حيدرآباد ۾ آهي، جڏهن ته هن تنظيم جو ڊائريڪٽر پروفيسر مشتاق ميراڻي آهي.


لفظ سنڌ رورل سپورٽ پروگرامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1996.12.30  عيسوي

سنڌ جي ڪجهه انتظامي ۽ اقتصادي ماهرن، سماجي ڪارڪنن ۽ ترقي پسند آبادگارن گڏجي ’سنڌ رورل سپورٽ پروگرام‘ (SRSP) نالي سان هڪ آرگنائيزيشن، ڊسمبر 1995ع ۾ ٺاهي، جنهن کي 30 ڊسمبر 1996ع تي ٽرسٽ انڊر ايڪٽ آف 1982ع هيٺ رجسٽر ڪرايو ويو، ان جو رجسٽريشن نمبر 5810 آهي.



سماجي تنظيم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌي عورت تنظيم
سندر شيوڪ سڀا سکر
سنڌ انٽليڪچوئل فورم
سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشن
ٻالڪن جي ٻاري ۽ گرل گائيڊ
سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن
روٽري انٽرنيشنل روٽري ڪلب
سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽي SDS
سنڌ رورل سپورٽ پروگرام
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن
سماجي تنظيم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون